شب برات

شب برات: قمري سال جي اٺين مهيني ‘شعبان’ جي چوڏهين رات کي ‘شب برات’ چيو وڃي ٿو. قرآن ۾ ان کي مبارڪ رات چيو ويو آهي ۽ ڄاڻايل آهي ته هن رات هر معاملي جو حڪيماڻو ۽ محڪم فيصلو الله جي حڪم سان صادر ڪيو ويندو آهي. ان ڀلاري رات ماڻهن، قومن ۽ ملڪن جا فيصلا ڪري الله تعاليٰ فرشتن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. نبي پاڪ صه شب برات جي رات عبادت ڪرڻ ۽ ڏينهن جو روزو رکڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. حديث شريف ۾ آهي ته انهيءَ رات ۾ الله تعاليٰ سڀ کان هيٺئين آسمان تي لهي ايندو آهي ۽ انسانن جا گناهه معاف ڪرڻ لاءِ پڪاريندو آهي. ان رات کي ليلة البراة به چون ٿا. يعني مغفرت جي رات.


لفظ شب براتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو